روم جي راڻي

روم جي راڻي

روم جي راڻي

روم جي راڻي (ڪتاب): هن اسلامي تاريخي ناول جو مصنف محمد عثمان ميمڻ ڏيپلائي آهي، هي ناول ڏيپلائي صاحب پهريون ڀيرو 1944ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو جولاءِ 1980ع ۾ ڇپيو جڏهن ته هي ٽيون ڇاپو اپريل 2013ع مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
ڪتاب ’روم جي راڻي‘ ڏيپلائي صاحب جي اسلامي ناولن جي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. ڏيپلائي صاحب جو ان زماني ۾ هن قسم جي ناولن لکڻ جو مقصد اهو هو ته سنڌ جا ماڻهو شاندار اسلامي روايتن ۽ ماضي جي ڪارنامن کان واقف ٿين. هي ناول ڏيپلائي صاحب جي اسلامي تاريخي ناولن، سنگدل شهزادي، گلستان حسن، آخري اميد ۽ ناز نين ثمرنا کانپوءِ هي پنجون ناول هو جنهن ۾ دلچسپ طريقي سان مسلمانن جي بهادرانه ڪارنامن جو ذڪر ڪيو ويو هو. ڊيمي سائيز جي 69 صفحن تي مشتمل هن ناول جي قيمت 60 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو